عباسي اسپتال، حيدرآباد

عباسي اسپتال، حيدرآباد

عباسي اسپتال حيدرآباد

عباسي اسپتال، حيدرآباد: هيءَ اسپتال فوجداري روڊ تي سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد جي سامهون واقع آهي. هن اسپتال جي عمارت، انگريز دور جي فن تعمير جو يادگار آهي. مختلف وقتن تي هن عمارت ۾ تبديلي ايندي رهي آهي. قيام پاڪستان تائين هي عمارت پرتاب محل جي نالي سان مشهور هئي ۽ ان کان به اڳ هن عمارت تي مائٽري بلڊنگ (Maitri Building) جو نالو پيل هو، جنهن نالي سان هن عمارت جو افتتاح مشهور گلوڪار ۽ موسيقيءَ جي پارکو پنڊت روتڪر ناٿ ٺاڪر ڪيو هو، جڏهن ته عمارت جو مالڪ ۽ باني ڀائي پرتاب ديالداس هو، جيڪو ڪانگريس پارٽيءَ جو شروعاتي ڪارڪن هو. پيشي جي لحاظ سان هو سنڌي واپاري هو ۽ دنيا جي مختلف هنڌن تي سندس واپار جا مرڪز قائم هئا. ڪانگريس ۾ هئڻ سبب نامياري سياسي اڳواڻ جواهر لعل نهرو سان سندس ويجها لاڳاپا هئا. چيو وڃي ٿو ته حيدرآباد ايندڙ هر نئون ماڻهو، ڀائي پرتاب ديالداس جو مهمان هوندو هو ۽ ان ئي عمارت ۾ اچي قيام ڪندو هو. ورهاڱي کان اڳ هي عمارت هر وقت سياسي ۽ سماجي سرگرمين جو ڳڙهه رهي. جيتوڻيڪ ڀائي ديالداس جا سياسي ويچار اعليٰ اختيارين ۽ اڳواڻن کان مختلف هئا، تنهن هوندي به هن سياسي تحريڪن ۾ نه صرف حصو ورتو بلڪه هر قدم تي مالي سهائتا به ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هوءَ سنڌ ڇڏي بمبئي هليو ويو.
قيام پاڪستان ۽ ڀائي پرتاب ديالداس جي هندستان وڃڻ کانپوءِ به هيءَ عمارت سياسي سرگرمين جو مرڪز رهي ۽ گهڻي وقت تائين هتي خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سيد ميران محمد شاهه ۽ ٻين اهم سياسي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو، جنهن دوران ورهاڱي بعد پيدا ٿيل ملڪي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ متعدد تجويزون ۽ حڪمت عمليون هن جاءِ تيار ڪيون ويون. ڪجهه عرصي کانپوءِ تڏهوڪي چيف انسپيڪٽر هاسپيٽل خانبهادر عبدالعزيز عباسيءَ هن عمارت کي تحويل ۾ ورتو ۽ ڪجهه سالن بعد سندس پٽ ڊاڪٽر شاهه زمان عباسي هن عمارت کي اسپتال جي حيثيت ڏئي هتي صحت جون سهولتون مهيا ڪيون. تڏهن کان هي عمارت عباسي اسپتال جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو